اسلام آباد-20 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ 26 ??ين آئيني ترميم ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان منظور ڪري ورتي. ڪالهه آچر ڏينه?? سينيٽ اجلاس ۾ قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ 26 ??ين آئيني ترميم جو بل ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي رٿ پيش ڪئي. رٿ جي منظوري کانپوءِ 26 ??ين آئيني ترميم جو بل منظوري لاءِ ايوان ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت گهري وئي. سينيٽ چيئرمين رٿ تي ووٽنگ دوران ان جي حامي ۽ مخالف ميمبرن کي بيهاري انهن جي ڳڻپ ڪرائي. ووٽنگ کان اڳ سموريون گئلريون خالي ڪرايون ويون جڏهن ته هال جا دروازا بند ڪيا ويا. ڳڻپ دوران ترميم جي رٿ جي حمايت ۾ 65 ووٽ جڏهن ته مخالفت ۾ 4 ووٽ پيا. پي ٽي آءِ جا اڪثر ميمبر ايوان ۾ موجود نه هئا. ان کانپوءِ پي ٽي آءِ جا چارئي ميمبر ڳڻپ کان پوءِ ايوان مان هليا ويا ۽ قانونسازي ۾ حصو نه ورتو. رٿ جي منظوري کانپوءِ سينيٽ چيئرمي?? سيد يوسف رضا گيلاني 26 ??ين آئيني ترميم شق وار منظوري لاءِ ايوان ۾ پيش ڪئي جنهن جي ايوان متفقه طور تي منظوري ڏني. جي يو آءِ (ف) جي سينيٽر ڪامران مرتضيٰ ترميمون ايوان ۾ پيش ڪيون جنهن جي وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ حمايت ڪئي جنهن تي ايوان انهن ترميمن کي منظور ڪري ورتو. آئيني ترميم جي شق وار منظوري دوران ڪنهن به ميمبر قانونسازي جي مخالفت نه ڪئي. ان کانپوءِ سينيٽ چيئرمين بل جي شق واري منظوري کانپوءِ بل منظوري لاءِ ايوان ۾ پيش ڪيو. بل تي ووٽنگ کان اڳ هال جا دروازا بند ڪيا ويا، سينيٽ چيئرمين ٻه منٽ گهنٽيون وڄائڻ جي ه??اي?? ڪئي، جنهن کانپوءِ هال جا دروازا بند ڪيا ويا. سينيٽ چيئرمين آئيني ترميم جي حامي ميمبرن کي ساڄي لابي ۽ مخالف ميمبرن کي کاٻي لابي ۾ وڃڻ ۽ رجسٽر تي پنهنجو ووٽ داخل ڪرائڻ جي ه??اي?? ڪئي. ان کانپوءِ سينيٽ چيئرمين ڳڻپ ڪرائڻ جي ه??اي?? ڪئي. ترميم جي حمايت ۾ 65 ۽ مخالفت ۾ 4 ووٽ پيا، اهڙي طرح ايوان 26 ??ين آئيني ترميم ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت سان منظور ڪري ورتي.