اسلام آباد -26 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري اتر وزيرستان جي علا??قي مير علي ۾ آپگهاتي حملي ۾ پوليس اهلڪارن ۽ معصوم شهرين جي مارجڻ تي گهري ڏک ۽ غم جو اظهار ڪيو آهي ۽ چ??و ته پوليس اهلڪارن تي حملو انتهائي بزدلاڻو قدم آهي. گذريل ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري پڌرائي موجب صدر مملڪت آصف علي زرداري پوليس چيڪ پوسٽ تي آپگهاتي حملي جي مذمت ڪئي ۽ چ??و ته دهشتگرد پنهنجي ناپاڪ ارادن ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا. صدر مملڪت دهشتگردي جي مڪمل خاتمي لاءِ هر ممڪن قدمن کڻڻ جي ض??ور?? تي زور ڀريو. صدر مملڪت ش??يد اهلڪارن کي خراج عقيدت پيش ڪندي وارثن لاءِ صبر ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي.