رياض – 29 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري ??وري ??ي رياض پهچي ويو. رياض جي نائب گورنر شهزاده عبدالرحمان بن عبدالعزيز رياض پهچڻ تي وزيراعظم جو شاندار استقبال ڪيو. سعودي عرب ۾ پاڪستان جو سفير احمد فاروق ۽ پاڪستان ۽ سعودي عرب جا اعليٰ سفارتي آفيسر ۽ اهلڪار پڻ رياض هوائي اڏي تي موجود هئا. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ موجب وزيراعظم رياض ۾ 19 کان 31 آڪٽوبر تي منعقد ٿيندڙ ??ٺين فيوچر انويسٽمينٽ انيشي ايٽو (ايف آءِ آءِ) ڪانفرنس ۾ شرڪت ۽ خطاب ڪندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سان ملاقات پڻ متوقع آهي. دفاع ??ار?? وفاقي وزير خواجه محمد آصف، ناڻي ??ار?? وفاقي وزير محمد اورنگزيب، نجڪاري ??ار?? وفاقي وزير عبدالعليم خان، پيٽروليم ??ار?? وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، واپار ??ار?? وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ اطلاعات ۽ نشريات ??ار?? وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ دوري ??ي وزيراعظم سان گڏ آهن.