اسلام آباد – 28 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري کي ڪرغزستان، فلسطين، عوامي جمهوريه ڪوريا، ازبڪستان، ڪينيا ۽ جمهوريه ترڪيه جي سفيرن ايوا?? صدر ۾ منعقد تقريب ۾ سفارتي سندون پيش ڪيون. ايوا?? صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب نامزد سفير?? صدر سان جدا جدا ملاقات??ن پڻ ڪيون. ان موقعي تي صدر سفيرن کي پاڪستان ۾ مقرري تي مبارڪباد ڏني. صدر کي جمهوريه ڪرغزستان جي نامزد سفير اوازبيڪ اتاخانوف، فلسطين جي نامزد سفير ڊاڪٽر زوهير محمد حمدالله زيد، جمهوريه ڪوريا جي نامزد سفير چوچانگ مين، ازبڪستان جي نامزد هاءِ ڪمشنر علي شير تختائي، ڪينيا جي نامزد هاءِ ڪمشنر ليفٽيننٽ جنرل (ر) پيٽرمبو گونجيرو ۽ ترڪيه جي نامزد سفير عرفان نزير اوگلو سفارتي سندون پيش ڪيون. نامزد سفير?? صدر سان جدا جدا ملاقات??ن پڻ ڪيون. ان موقعي تي صدر اميد ظاهر ڪئي ته غيرملڪي سفير پاڪستان سان واپار، معيشت ۽ ثقافت جي شعبن ۾ گڏيل طور تي ڪارائتا ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا. ان کان اڳ سفيرن کي ايوا?? صدر پهچڻ تي پاڪستان جي هٿياربند فوج جي دستي گارڊ آف آنر پيش ڪيو.