اسلام آباد-25 نومبر (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چي?? ته عورتن تي هر قسم جي تشدد جي روڪٿام لاءِ اجتماعي ڪوششن جي ضرورت آهي، پ پ صنفي مساوات ۽ عورتن کي بااختيار بڻائي هڪ بهتر معاشرو جوڙڻ لاءِ پُرعزم آهي. عورتن خلاف تشدد جي خاتمي ??ي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ ب??اول ڀٽو زرداري چي?? ته عورتن کي خودمختيار بڻائڻ ۽ سندن حفاظت، وقار ۽ حقن جي تحفظ لاءِ وڌيڪ ڪم ڪرڻو پوندو. پ پ هڪ اهڙو معاشرو جوڙڻ لاءِ پُرعزم آهي جتي خوف، فرق ۽ تشدد جي ڪا جڳهه نه هجي. بلاول ڀٽو زرداري چي?? ته صنفي بنياد تي تشدد جي ڦهلاءُ تي ڳڻتي آهي، جامع قانونسازي، سماجي ۽ ثقافتي سڌارن ذريعي ڪارڻن کي ختم ڪرڻو پوندو، عورتن خلاف تشدد انساني حقن جي س??گي?? ڀڃڪڙي ۽ هڪ منصفاڻي مساوي معاشري جي قيام ۾ وڏي رنڊڪ آهي، اسان کي ان جي خاتمي لاءِ هر رُخ سان عزم ڪرڻو پوندو، چاهي اهو گهر ۾ هجي، ڪم وارين جاين تي هجي يا عوامي ماڳن تي هجي. هن چي?? ته پ پ ملڪ ۾ پهريون ڀيرو عورتن کي وزيراعظم، اسپيڪر، وزيرن جهڙن عهدن تي چونڊ ۽ ججن جهڙن منصن تي مقرر ڪيو. قائدِ عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو 1973ع جي آئين ذريعي صنفي مساوات جو بنياد رکيو، اسان جو آئين عورتن خلاف اڻبرابري واري سلوڪ جي خاتمي ۽ زندگي جي سمورن شعبن ۾ سندن شرڪت کي هٿي ڏئي ٿو. هن چي?? ته شهيد ڀٽو عورتن جي تعليم، کين بااختيار بڻائڻ ۽ سندن تحفظ تي ڌيان ڏئي پاڪستاني عورتن لاءِ نوان موقعا پيدا ڪيا، شهيد محترمه بينظير ڀٽو عورتن جي حقن جي هڪ ورلڊ آئيڪون آهي، بي بي شهيد عورتن لاءِ ڌار پوليس اسٽيشنون، فرسٽ وومن بئنڪ ۽ ليڊي هيلٿ ورڪرز پروگرام جهڙا ادارا قائم ڪيا، شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي اهڙن قدمن عورتن لاءِ بي شمار موقعا پيدا ڪيا، اسان شهيد راڻي جي مشن کي جاري رکنداسين ته جيئن هڪ اهڙو معاشرو بڻائي سگهجي جتي عورتون محفوظ، باوقار ۽ ترقي ۾ برابر جون ڀائيوار هجن. بلاول ڀٽو زرداري چي?? ته صدر آصف علي زرداري ??ي عورتن جي ترقي ۽ ڀلائيءَ وارا قدم به تاريخي آهن، صدر زرداري بينظير انڪم سپورٽ پروگرام متعارف ڪرايو جيڪو غربت جي خاتمي لاءِ هڪ عالمي سطح تي تسليم ٿيل پروگرام بڻجي چڪو آهي. پ پ عورتن آبادگارن کي زمينون فراهم ڪيون، ٻه ملين کان وڌيڪ عورت ٻوڏ متاثرن جي رهائشي پلاٽ ڏنا ويا. هن چي?? ته پ پ جي صوبائي حڪومت عورتن کي پنهنجو ڪ??رو??ار هلائڻ لاءِ بنا وياج قرض فراهم ڪيا، آسان قرض اسڪيم جي 97 سيڪڙو عورتن قرض واپس ڪيا ۽ پنهنجو ڪ??رو??ار ڪاميابيءَ سان هلايو. بلاول ڀٽو زرداري چي?? ته سنڌ حڪومت جا قانونسازيءَ جي حوالي سان قدم به تعريف جوڳا آهن، حڪومت سنڌ گهريلو تشدد جي روڪٿام ۽ تحفظ ايڪٽ 2013ع جهڙا قانون بڻايا، عورتن کي ڪم وارن ماڳن تي هراسان ڪرڻ سان تحفظ ايڪٽ ۽ چائلڊ ميريج ريسٽرينٽ ايڪٽ 2013ع به اهڙن قدمن ۾ شامل آهن. انهن قانونن جي اثرائتي لاڳو ٿيڻ جي اهميت تي زور ڀري?? ته جيئن عورتن جي حقن جو حقيقي تحفظ ممڪن ٿي سگهي، عورتن خلاف تشدد جو خاتمو صرف عورتن جو مسئلو ناهي، پر هي هڪ سماجي مسئلو هي جيڪو اجتماعي جدوجهد جي متقاضي آهي. هن چي?? ته گڏجي ڪري اسان هڪ اهڙو مستقبل بنائي سگهون ٿا جتي هر عورت خوف ۽ عدم مساوات کان آزاد زندگي گذاري سگهي، تشدد سبب متاثر عورتن کي انصاف جي فراهمي ۽ متاثرن کي با اختيار بنائڻ لاءِ مضبوط مددگار نظام قائم ڪرڻو پوندو. بلاول ڀٽو زرداري چي?? ته اڄ جي ڏينهن شعور اجاگر ڪرڻ، متاثرن جي حمايت ڪرڻ ۽ صنفي مساوات کي گڏيل ذميواري طور تي هٿي وٺرائڻ ??ي عزم سان ملهايو وڃي.