اسلام آباد-24 نومبر (اي پي پي) گهرو ??عاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي بيلاروس جي 68 رڪني اعليٰ سطحي وفد جو اسلام آباد پهچڻ تي شاندار استقبال ڪيو. وفد ۾ بيلاروس ج?? پرڏيهي وزير، توانائي وارو ??زير، صحت، عدل ۽ انصاف، مواصلات، قدرتي وسيلن، هنگامي حالتن وارن وزير سميت چيئرمي?? ملٽري انڊسٽري ڪميٽي شامل آهن، وفد ۾ بيلاورس جي 43 وڏيون ڪاروباري شخ??تي??ن به شامل آهن. گهرو ??زير بيلاروس جي پرڏيهي وزير ميڪسم ريجنڪوف ۽ توانائي واري وزير سا?? ملاقات ڪئي. گهرو ??زير چيو ته وفد کي اسلام آباد پهچڻ تي ڀليڪار چئون ٿا، پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪا شينڪو جي اڄ اچڻ جا منتظر آهيون. گهرو ??زير چيو ته بيلاروس جي صدر جو دورو ??طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ انتهائي اهميت رکندڙ آهي. پاڪستان بيلاروس سان لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. پاڪستان بيلاروس سان لاڳاپن کي مختلف شعبن ۾ اڳتي وڌائڻ جو خواهشمند آهي. هن چيو ته دوري سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ صنعت ۽ واپار سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي هٿي ملندي.