اسلام آباد-04 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينه گُم ٿيل ماڻهن جي معاملي کي ??سڻ ۽ ان مسئلي کي هميشه لاءِ حل ڪرڻ لاءِ ذيلي ڪميٽي ج??ڙي ڇڏي آه??. اها ڳالهه ڊپٽي اٽارني ج??رل جاويد اقبال گذريل ڏينهن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي 6 رڪني آئيني بينچ آڏو دليل ڏيندي ڪئي. هن عدالت آڏو گذارش ڪئي ته گُم ٿيل ماڻهن جي معاملي تي وفاقي حڪومت کي ڳڻتي آه??. حڪومت ان معاملي کي ??سڻ ۽ سفارشون ڏيڻ لاءِ ڪابينه جي ذيلي ڪميٽي ج??ڙي ڇڏي آه??. حڪومت صاف نيتي سان ان مسئلي کي هميشه لاءِ حل ڪرڻ چاهي ٿي. جسٽس امين الدين خان جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ ڪيس ۾ وفاق، گهرو وزارت ۽ ٻين ڌُرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا ته هو ايندڙ هفتي ٻُڌڻيءَ تي پنهنجون رپورٽون عدالت ۾ پيش ڪن. جسٽس جمال خان مندوخيل ٻُڌڻيءَ دوران ريمارڪس ڏنا ته هي انتهائي اهم ڪيس آه??، هزارين ماڻهن جي گُم ٿيڻ جا اطلاع آه?? ۽ هاءِ ڪورٽس ۽ سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪيا ويا آه??. بئريسٽر اعتزاز ۽ لطيف کوسه جهڙا سياستدان هتي عدالت ۾ موجود آه??. ان مسئلي کي پارليامينٽ ۾ حل ڪرڻ جي ضرورت آه??، جڏهن ته عدالت چيو ته اهڙيءَ طرح جي سنگين مسئلي کي بنا ڪارروائيءَ جي صرف لفظن ذريعي حل نٿو ڪري سگهجي. جسٽس محمدعلي مظهر، اٽارني ج??رل کان سوال ڪيو ته جبري گمشدگي تي جاچ ڪميشن گهڻن گُم ٿيل ماڻهن کي بازياب ڪرايو آه??؟ جسٽس حسن اظهر رضوي پُڇاڻو ڪيو ته جبري گمشدگي تي جاچ ڪميشن وٽ ڊيٽا موجود آه??، گم ٿيلن جي ذميوارن بابت ڊيٽا ڇا ٿي چوي؟ بازياب ٿيل ماڻهو پنهنجي اغوا ڪندڙن بابت ڇا چون ٿا؟ جسٽس جمال مندوخيل جبري گمشدگي ج?? ڪجهه اڳوڻن واقعن طرف اِشارو ڪندي چيو ته ڪجهه گُم ٿيل ماڻهن بازياب ٿيڻ کانپوءِ چيو ته گم نه ٿيا آه?? ۽ آرام ۽ تفريح لاءِ اُتري?? علائقن ۾ آه??. جسٽس مسرت هلالي اي ايس سي لطيف کوسه کي مخاطب ٿيندي سوال ڪيو ته توهان جي پارٽيءَ جا ماڻهو به گُم ٿي ويا، واپسيءَ تي اغوا ڪندڙن بابت انهن جو ڪهڙو بيان هو؟ لطيف کوسه عدالت کي ج??اب ڏنو ته جيڪڏهن هو ڳالهائيندا ته سندن ٻار اغوا ٿي ويندا. جسٽس نعيم افغان بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي هڪ ڪيس جو حوالو ڏنو، جنهن ۾ عدالت 25 وڪيلن کي هدايت ڪئي هئي ته هو واپس آيل گم ٿيل ماڻهن جي گهر وڃن، جڏهن ته ڪوبه عدالت ۾ پيش ٿيڻ لاءِ تيار نه هو. جسٽس مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته جبري گمشدگي ج?? مسئلي ج?? حل اهو آه?? ته سمورا اسٽيڪ هولڊرز گڏجي ويهي ڪو رستو ڪڍن. عدالت ڪيس جي ٻُڌڻي ايندڙ هفتي لاءِ ملتوي ڪندي وفاق ۽ گهرو وزارت کي معاملي تي تازي رپورٽن لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.