اسلام آباد- 10 ڊسمبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ پي ٽي آءِ باني طرفان 9 مئي 2023ع تي پُرتشدد عوامي تحريڪ با??ت واقعن ج?? جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن بڻائڻ جي درخواست مشروط طور تي قبول ڪري ورتي آهي. جسٽس امين الدين خان ج?? سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي 7 رڪني آئيني بينچ پرنسپل سيٽ تي درخواست جي ٻُڌڻي ڪئي. ان کان اڳ سپريم ڪورٽ جي رجس??را?? آفيس درخواست تي اعتراض ڪيو آهي ته هي عام ??فاد لاءِ ناهي ان ڪري عدالت درخواست جي ميرٽ تي ڪارروائيءَ کان اڳ اعتراضن کي غلط ثابت ڪرڻ جي شرط سان درخواست جي اجازت ڏئي ڇڏي. اٽارني جنرل فار پاڪستان منصور عثمان اعواڻ درخواست منظور ڪرڻ جي مخالفت ڪندي چيو ته ان وٽ درخواست خلاف دليل آهن، پي ٽي آءِ باني جي وڪيل ايڊووڪيٽ حا??د خان عدالت آڏو دليل ڏيندي چيو ته گهٽ ۾ گهٽ 9 مئي 2023ع تي ڇا ٿيو ان ج?? جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن ج?? سخت ضرورت آهي. عدالت ملڪ ۾ اڻ اعلانيل مارشل لا جي حوالي سان سندس ريمارڪس تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ درخواستگذار کي چيو ته جيڪڏهن اهڙو ڪو ثبوت آهي ته هو پنهنجي دعويٰ ثابت ڪري. جسٽس جمال خان مندوخيل ان کي هڪ واضح بيان قرار ڏنو ۽ درخواستگذار کي چيو ته جيڪڏهن ڪنهن اٿارٽي اهڙو حڪم جاري ڪيو آهي ته عدالت ۾ پيش ڪريو. جسٽس محمدعلي مظهر ريمارڪس ڏنا ته پاڪستان ج?? آئين ج?? آرٽيڪل 245 تحت سول حڪومت فوج کي طلب ڪندي آهي، جيڪڏهن درخواستگذار ان کي اڻ اعلانيل مارشل لا چوي ٿو ته ان کي چئلينج ڪري سگهي ٿو. جسٽس جمال خان مندوخيل جي ان سوال تي ته درخواستگذار ان معاملي لاءِ هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڇو نه ڪيو؟ ايڊووڪيٽ حا??د خان ج??اب ڏنو ته هي مسئلو سڄي ملڪ بابت آهي، نه ڪنهن خاص صوبي سان. جسٽس امين الدين خان ريمارڪس ڏنا ته رجس??را?? آفيس جا اعتراض ڏسڻ ۾ صحيح آهن پر عدالت درخواستگذار کي درخواست تي دليل ڏيڻ جي اجازت ڏي ٿي ته هو رجس??را?? آفيس طرفان اُٿاريل سوالن جا جواب ڏئي سگهي. عدالت تاريخ مقرر ڪرڻ لاءِ ڪارروائي ملتوي ڪري ڇڏي.