دي هيگ/اسلام آباد _12 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان انصاف جي عالمي عدالت ۾ پنهنجي آبادي ۽ معيشت تي موسمياتي تبديلين جي سنگين اثرن جو خاڪو پيش ڪيو آهي جنهن ۾ 2022ع جي ٻوڏ کي نمايان ڪيو ويو آهي جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ جو هڪ ڀاڱي ٽي حصو ٻڏي ويو هو، 33 ملين ماڻهو متاثر ٿيا ۽ ان سبب نئين سر تعمير جي خرچ جو اندازو 16 ارب ڊالر کان وڌي ويو. اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي پاڪستان جو ڪيس انصاف جي عالمي عدالت (آءِ سي جي) ۾ پيش ڪيو. پاڪستان جي نمائندي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنر?? جي 2022ع جي خطاب جو حوالو ڏيندي چيو ته ??اڪستان جو عالمي سطح تي گرين هائوس گيسن جي اخراج ۾ حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي پر پاڪستان جي عوام کي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ موسمياتي اثرن سبب 15 ڀيرا وڌي?? نقصان کي منهن ڏيڻو پوندو آهي. پاڪستان ٽن اهم نڪتن تي زور ڏنو جنهن ۾ چيو ويو ته ??وسمياتي تبديلي ب??بت گڏيل قومن فريم ورڪ ڪنوينشن تحت پيرس معاهدو ماحولياتي ذميوارين تي ڌيان ڏيڻ جو بنيادي فريم ورڪ آهي. پاڪستاني نمائندي چيو ته آب و هوا جي ذميوارين جي ايڪويٽي ۽ لاڳاپيل صلاحيتن سان هڪجهڙائي هجڻ گهرجي جنهن ۾ موسمياتي ماليات، روڪٿام ۽ سهڪار شامل آهي. معاهدن جي ذميوارين ب??بت تڪرارن کي انهن معاهدن جي اندر قائم ميڪانزم ذريعي حل ڪرڻ گهرجي. پاڪستان اها به دليل پيش ڪئي ته روڪٿام جي ذميواري معاهدن جي ڏنل ذميوارين سان ڪم ڪندي آهي جيڪو لاڳو قانون جو حصو آهي. پاڪستان جي نمائندي ان سلسلي ۾ ڪنونشنز جو ذڪر ڪيو جن ۾ موسمياتي تبديلي ب??بت گڏيل قومن جو فريم ورڪ ڪنونشن، اوزون جي تهه جي تحفظ لاءِ ويانا ڪنونشن، ڪنوينشن آن لانگ رينج ٽرانس بائونڊري فضائي گدلاڻ ۽ صحرا بندي جو مقابلو ڪرڻ لاءِ گڏيل قومن جو ڪنونشن به شامل آهي. هن چيو ته اسان موسمياتي تبديلي جي اثرن کي محسوس ڪندڙ پهرين نسل آهيون ۽ ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته آخري نسل به آهيون جيڪا ان ب??بت ڪجهه ڪري سگهي ٿي.