اسلام آباد – 13 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ مختلف آپريشنز دوران 43 دهشتگرد جهنم واصل ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پي?? ڪندي ملڪ مان دهشتگر??ي جي مڪمل خاتمي جي قومي عزم جو اظهار ڪيو ۽ چيو آهي ته پاڪستان ج?? بهادر فوج دهشتگر??ي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ هر وقت سرگرم عمل آهي. ڪالهه جمعي ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيا?? موجب صدر فتنه الخوارج ۽ بلوچستان ۾ سرگرم ٻين دهشتگردن جا ناپاڪ ارادا ناڪام بڻائڻ تي فورسز جي بهادري کي ساراهيو. صدر چيو ته مختلف آپريشنز دوران وڏي پئماني تي دهشتگردن ج?? خاتمو سيڪيورٽي فورسز جي وڏي ڪاميابي آهي، پوري قوم دهشتگر??ي جي خاتمي جي لاءِ سيڪيورٽي فورسز جي ڪردار معترف آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته پاڪستان ج?? هٿياربند ف??ج دهشتگر??ي جي خلاف وڌيڪ ڪاميابيون حاصل ڪندي. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 18:13