اسلام آباد – 17 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ترڪي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ موجود ويجهي، گهري ۽ ڊگهي مدي واري رابطن ۽ مختلف شعبن ۾ گڏيل طور تي مفيد تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪندي پنهنجي خصوصي لاڳاپان کي مضبوط اسٽريٽجڪ حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. وزيراعظم محمد نواز شريف ترڪ صدر رجب طيب اردوان سان اڪيلائي ۾ ملاقات ۽ وفدن جي سطح تي ڳالهين کانپوءِ وزيراعظم هائوس ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته وسيع تر معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي آهي، اسان پنهنجي خصوصي لاڳاپن کي مضبوط اسٽريٽجڪ حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم نواز شريف چيو ته ٻنهي طرفن کان اتفاق ڪيو ته واپار، سيڙپڪاري ۽ واپاري تعاون ۾ اضافو مضبوط اقتصادي لاڳاپن جو محور رهڻ گهرجن. ان ڏس ۾ اسان 2017ع جي آخر تائين جامع ٻه طرفي آزاداڻي واپاري معاهدي جي لاءِ ڳالهين وارو عمل مڪمل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.